ڪراچي: صفورا چورنگي ويجهو پوليس مقابلو، 3 ڦورو گرفتار

ڪراچي: صفورا چورنگي ويجهو پوليس مقابلو، 3 ڦورو گرفتار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ صفورا چورنگي ويجهو هڪ مقابلي ۾ پوليس زخمين سميت ٽن ڌاڙيلن کي گرفتار ڪري ورتو.پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته واقعي کانپوءِ جوابدار فرار ٿي رهيا هئا ته فائرنگ شروع ٿي وئي. جوابدارن وٽان ٽي پستول، موبائل فون ۽ موٽرسائيڪلون هٿ ڪيون ويون.ٻئي طرف گلشن حديد ۾ پوليس ۽ ڌاڙيلن وچ ۾ مقابلو ٿيو، جنهن ۾ 100 کان وڌيڪ واقعن ۾ ملوث جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو، پر سندس ساٿي فرار ٿي ويو.ان حوالي سان پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدار جي قبضي مان هٿيار، موبائل فون ۽ نقدي هٿ ڪئي وئي آهي.پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار سائيٽ سپر هاءِ وي پوليس اسٽيشن تي مقرر سب انسپيڪٽر عامر علي کي شهيد ڪيو هو ۽ جوابدار رينجرز تي فائرنگ جي مختلف واقعن ۾ پڻ ملوث رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو