اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) ڪراچي سميت ملڪ ۾ بجليءَ جي في يونٽ قيمت ۾ واڌ جو امڪان آهي، جنهن لاءِ سي پي پي اي (CPPA) نيوپرا ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي.سي پي پي اي بجليءَ جي قيمت ۾ 82 پئسا في يونٽ واڌ لاءِ درخواست جمع ڪرائي آهي، مئي جي مهينوار فيول ايڊجسٽمينٽ جي درخواست تي نيوپرا اٿارٽي سڀاڻي ٻڌڻي ڪندي. درخواست جي منظوريءَ جي صورت ۾ صارفين تي تقريبن 12 ارب رپين جو اضافي مالي بوجھ پئجي سگهي ٿو. درخواست موجب، مئي دوران 12 ارب 63 ڪروڙ 80 لک يونٽ بجلي پيدا ڪئي وئي، بجليءَ جي سراسري فيول لاڳت 9 رپيا 25 پئسا في يونٽ رهي، جڏهن ته مئي ۾ في يونٽ فيول لاڳت جو ڪاٿو (تخمينو) 8 رپيا 43 پئسا لڳايو ويو هو.










