ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)موسميات کاتي سڀاڻي کان ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ تيز برساتن جي اڳڪٿي ڪئي آهي.چيف ميٽولوجسٽ سردار سرفراز مون سون جي برساتن جي تازي صورتحال بابت بريفنگ ڏيندي چيو ته ملڪ ۾ مون سون جو نظام داخل ٿي چڪو آهي، سنڌ ۽ بلوچستان ۾ 4 کان 5 ڏينهن سٺي برسات جو امڪان آهي جنهن سان شهري ٻوڏ جو به خطرو آهي.ڪراچي ۾ برساتن جي حوالي سان هن چيو ته ڪراچي ۾ اڄ هلڪي برسات جو امڪان آهي ۽ سڀاڻي شام کان شهر ۾ مٽيءَ جي موسم سان گڏ تيز برسات جو امڪان آهي، اهي برساتون 5 جولاءِ تائين جاري رهي سگهن ٿيون.سردار سرفراز موجب سنڌ ۾ 2 جولاءِ جي رات کان 5 جولاءِ تائين سٺي برسات جو امڪان آهي، جڏهن ته اڱاري تائين سنڌ جي سمورن ضلعن ۾ طوفاني برساتن جو سلسلو جاري رهندو.










