ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ ساحل جي آس پاس رهندڙ ماڻهن کي گهرن مان نڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.ڊي ايڇ اي انتظاميا جو چوڻ آهي ته سامونڊي طوفان جي ڪري تياريون جاري آهن ۽ انتظاميا اهو فيصلو شهرين جي حفاظت لاءِ ڪيو آهي.انتظاميا جو چوڻ آهي ته سمنڊ ڪناري ڀرسان سي ويو اپارٽمينٽ ۽ درخشان ولاز جي رهواسين کي خالي ڪيو وڃي، جڏهن ته ننڍو بخاري، ننڍو شهباز، نشاط ۽ ڀرپاسي وارن علائقن جا رهواسي به پنهنجا گهر خالي ڪن.ٻئي طرف سامونڊي طوفان بپرجوئي کي نظر ۾ رکندي ڪراچي ۾ امڪاني صورتحال کي نظر ۾ رکندي ايس ايس يو هيڊ ڪوارٽرز ۾ سيڪيورٽي ڊويزن جو اربن فلڊنگ ريسڪيو يونٽ قائم ڪيو ويو آهي.ايس ايس يو ترجمان موجب شهر ۾ امڪاني برساتن ۽ ايمرجنسي کي منهن ڏيڻ لاءِ اربن فلڊنگ ريسڪيو يونٽ هر وقت تيار هوندو.ترجمان چيو ته اربن فلڊنگ ريسڪيو يونٽ برساتن ۾ ڦاٿل شهرين ۽ هنگامي حالتن کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿو، هي يونٽ خاص تربيت يافته ايس ايس يو ڪمانڊوز تي مشتمل آهي.










