ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پاڪستان رينجرز (سنڌ) ۽ اينٽي نارڪوٽڪس فورس ڳجهي اطلاع تي گڏيل اسنيپ چيڪنگ دوران ڪراچي جي علائقي گوليمار مان بدنام منشيات گينگ جي 2 جوابدارن سيد عظيم شاهه ۽ محمد بلال کي گرفتار ڪري ورتو آهي.جوابدارن جي قبضي مان منشيات پڻ هٿ ڪئي وئي آهي.ترجمان موجب جوابدار ڪراچي جي مختلف علائقن نيو سلطان آباد، ڪنواري ڪالوني، ميٽرووال، نئون ناظم آباد، گلشن معمار، مچھر ڪالوني، نصرت ڀٽو ڪالوني، لانڍي، نيو گوليمار ۽ لسبيلا ۾ رڪشا تي منشيات فراهم ڪندا هئا. هن مقصد لاء، عورتن ۽ ٻارن کي استعمال ڪيو.شروعاتي جاچ دوران جوابدارن انڪشاف ڪيو آهي ته هو 2021 کان منشيات جي اسمگلنگ ۾ ملوث آهن.جوابدار فيملي ڪارن، بسن ۽ مال گاڏين ذريعي پشاور ۽ ڪوئيٽا مان منشيات منگوا ڪري نيو ميانوالي ڪالوني جي مختلف گهرن ۾ لڪائيندا هئا.گرفتار جوابدارن کي منشيات سميت وڌيڪ قانوني ڪارروائي لاءِ اينٽي نارڪوٽڪس فورس حوالي ڪيو ويو آهي.










