ڪراچي: رهائشي عمارت کي باهه، 7 ڄڻا سڙي فوت

ڪراچي: رهائشي عمارت کي باهه، 7 ڄڻا سڙي فوت

ڪراچي )اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي علائقي لياقت آباد نمبر 10 ۾ رهائشي عمارت ۾ باهه لڳڻ سبب 7 ڄڻا سڙي زخمي ٿي پيا.اطلاع تي ريسڪيو اهلڪارن پهچي باهه تي ضابطو آندو، باهه عمارت جي ٽئين ماڙ تي لڳي.فائر برگيڊ عملدارن جو چوڻ آهي ته زخمين ۾ مڙس، زال ۽ 3 ٻارڙا شامل آهن، زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.ريسڪيو عملدارن موجب عمارت ۾ باهه شارٽ سرڪٽ سبب لڳي.

پهنجو تبصرو موڪليو