ڪراچي جي 6 يونين ڪائونسلن ۾ ٻيهر ڳڻپ جو حڪم ڪالعدم

ڪراچي جي 6 يونين ڪائونسلن ۾ ٻيهر ڳڻپ جو حڪم ڪالعدم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڪراچي جي 6 يونين ڪائونسلن ۾ ٻيهر ڳڻپ جو اليڪشن ڪميشن جو حڪم ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس سردار اعجاز اسحاق خان ٻيهر ڳڻپ روڪڻ جي جماعت اسلامي جي درخواست تي فيصلو ٻڌائي ڇڏيو، ان موقعي تي جماعت اسلامي جا وڪيل قيصر امام ۽ حسن جاويد شورو عدالت ۾ پيش ٿيا، جڏهن ته اليڪشن ڪميشن جا آفيسر ۽ ٻيا اميدوار پيش ٿيا. عدالت ۾ وڪيل به موجود هئا.عدالت چيو ته اليڪشن ڪميشن جو حڪم ڪالعدم قرار ڏيڻ جا سبب تفصيلي فيصلي ۾ ڏنا ويندا.

پهنجو تبصرو موڪليو