ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت مرتضيٰ وهاب جي استعيفيٰ منظور ڪندي ڊاڪٽر سيف الرحمان کي ڪراچي جو ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪري ڇڏيو.سنڌ حڪومت طرفان ڊاڪٽر سيف الرحمان جي ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽر طور مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.20هين گريڊ جي آفيسر ڊاڪٽر سيف الرحمان جو واسطو پاڪستان ايڊمنسٽريٽو سروس سان آهي ۽ ان کان اڳ هو سنڌ جي گورنر جي پرنسپل سيڪريٽري جي حيثيت سان فرض انجام ڏئي رهيو هو.ڊاڪٽر سيف الرحمان بلديا عظميٰ ڪراچي ۾ ميٽروپوليٽن ڪمشنر رهي چڪو آهي، ان کانسواءِ هو وچ ۽ اوڀر ضلعي جي ڊپٽي ڪمشنر سميت بلديا سينٽرل جو ايڊمنسٽريٽر به رهي چڪو آهي.ڊاڪٽر سيف ان کان اڳ ڪي ڊي اي جو ڊائريڪٽر جنرل ۽ بلوچستان ۾ زوب جو ڪمشنر به رهيو آهي.










