ڪراچي جي ميڊيڪل اسٽورز تي پيناڊول ۽ ٻيون ضروري دوائون اڻلڀ،انتظاميه غائب

ڪراچي جي ميڊيڪل اسٽورز تي پيناڊول ۽ ٻيون ضروري دوائون اڻلڀ،انتظاميه غائب

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ ميڊيڪل اسٽورز تان پيناڊول ۽ بخار، مٿي جي سور ۽ جسم جي سور لاءِ استعمال ٿيندڙ پيراسٽامول فارمولي واريون گوريون ناياب ٿي ويون آهن.ميڊيڪل اسٽورز تي پونسٽان، ڪالپول، پيناڊول ۽ ٻين معياري دوائن جي بدران غيرمعياري دوائون ڏنيون پيون وڃن.ان ساڳئي فارمولي وارا سيرپ پڻ نه ملي رهيا آهن جنهن مريض پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن.پيراسٽامول جو نسخو وڏي انگ ۾ ماڻهو استعمال ڪندا آهن جڏهن ته اڄ ڪلهه موسمي بيمارين سبب دوائن جي گهرج پڻ وڌي رهي آهي.ميڊيڪل اسٽورز وارا اهو جواز ڄاڻائي رهيا آهن دوائون شارٽ آهن ڇو ته ڪمپنين طرفان موڪليون ئي نٿيون وڃن. ملڪ جي ٻين شهرن ۾ به اهڙي صورتحال آهي جتي دوائون بليڪ تي وڪرو ڪيون پيون وڃن.

پهنجو تبصرو موڪليو