ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ 24 ڪلاڪن کانپوءِ ٻيهر بجلي غائب

ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ 24 ڪلاڪن کانپوءِ ٻيهر بجلي غائب

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)شهر قائد جي مختلف علائقن ۾ 24 ڪلاڪن کانپوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر بجلي غائب ٿي وئي.تفصيل موجب گلستان جوهر بلاڪ 8 ۾ بجلي جي بحالي کانپوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر لوڊشيڊنگ شروع ٿي وئي آهي، ان کان علاوه ڪشمير ڪالوني، اختر ڪالوني، پي اي سي ايڇ ايس ۽ گارڊن وارن علائقن ۾ به بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي آهي.هوڏانهن ملير، ماڊل ڪالوني، رفاه عام، الفلاح سوسائٽي ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر بجلي غائب ٿي وئي آهي.ڪشمير ڪالوني، اختر ڪالوني، ياسين آباد گلشن شميم، لانڍي خرم آباد، لياقت آباد سي ون جي علائقن ۾ 24 ڪلاڪ گذرڻ باوجود بجلي بحال نه ٿي آهي.شهر جي جن علائقن ۾ بجلي بند آهي انهن ۾ نارٿ ناظم آباد، گلشن اقبال جا مختلف علائقا، فيڊرل بي ايريا جا ڪجهه بلاڪ، آءِ آءِ چندريگر روڊ، طارق روڊ، خراد ۽ ڀرپاسي جا علائقا شامل آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو