ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ برسات، حادثي ۾ 3 ٻار فوت

ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ برسات، حادثي ۾ 3 ٻار فوت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ وقفي وقفي سان برسات وسي رهي آهي جتي مختلف حادثن ۾ 3 ٻارڙا فوت ٿي ويا پوليس ريسڪيو ۽ اسپتال ذريعن مطابق ڪراچي ۾ برسات سبب مختلف حادثن ۾ 3 ٻار فوت ٿيا آهن اتحاد ٽائون ۾ پاڻي جي کڏي ۾ ڪري پوڻ سان هڪ 10 ورهين جو ٻارڙو ٻڏي فوت ٿي ويو علائقي جي ايس ايڇ او امداد پنهور چيو ته محمد خان ڪالوني ۾ شاهد ڪليم نالي 10 ورهين جو ٻارڙو رستي تان لنگهي رهيوهو ته مينهن جي بيٺل پاڻي ۾ ڪري ٻڏي ويو هن چيو ته ٻار کي عباسي شهيد اسپتال پهچايو ويو جتي پوليس سرجن ڊاڪتر سميه سيد ان جي موت جي تصديق ڪئي جڏهن ته مائٽن ڊاڪٽرن کي ضروري ڪارروائي کان روڪي ڇڏيو ايس ايڇ او چيو ته مائٽن جي ڪيس جي قانوني پيروي ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي ان کان سواءِ نيو ڪراچي ۾ هڪ ٻارڙي ڪرنٽ لڳڻ سان فوت ٿي وئي ڊي ايس پي نيو ڪراچي ڪمال نسيم چيو ته اشرف ڳوٺ ۾ جنت گل نالي ٻارڙي ڪرنٽ لڳڻ سان فوت ٿيوئي. ٻارڙي جو لاش ويجهي اسپتال پهچايو ويو جتي ڊاڪترن کيس مئل قرار ڏنو جنهن کان پوءِ ضروري ڪارروائي لاءِ لاش عباسي شهيد اسپتال پهچايو ويو. نارٿ ناظم آباد بلاڪ ايف ۾ ٽن ورهين جو ٻارڙو محمد اجمل برسات جي پاڻي ۾ ڪري ٻڏي ويو ايڌي ترجمان مطابق ٻار جو لاش ويجهي اسپتال پهچايو ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو