ڪراچي )اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي علائقي اتحاد ٽائون ۾ پوليس ۽ رينجرز سرچ آپريشن ڪري هڪ غير قانوني پرڏيهي شهري کي گرفتار ڪري ورتو، هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو.پوليس موجب اتحاد ٽائون محمد خان ڪالوني ۾ پوليس ۽ رينجرز گڏيل سرچ آپريشن ڪيو، جنهن دوران 92 گهرن، گودامن، دڪانن وغيره جي تلاشي ورتي وئي.آپريشن دوران 117 ماڻهن جي ڊيٽا بائيو ميٽرڪ مشين ذريعي چيڪ ڪئي وئي، سرچ ڊيوائس ذريعي 50 کان وڌيڪ گاڏين، موٽرسائيڪلن کي چيڪ ڪيو ويو، آپريشن دوران هڪ غير قانوني پرڏيهي کي به گرفتار ڪيو ويو.پوليس موجب بلديا جي علائقي گلشن مزدور ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 2 ڌاڙيل زخمي ٿي پيا، جڏهن ته هڪ ڌاڙيل فرار ٿي ويو.جوابدار شهرين کي ڦر ڪري رهيا هئا ته گشت تي اهلڪار موقعي تي پهتا، گرفتار جوابدارن وٽان هٿيار ۽ موٽرسائيڪل هٿ ڪئي وئي.پوليس موجب نارٿ ڪراچي سيڪٽر 5 سي 2 ۾ پوليس مقابلي ۾ عبداللطيف نالي هڪ ڏوهاري کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو، گرفتار جوابدار وٽان هٿيار ۽ موٽرسائيڪل هٿ ڪئي وئي.پوليس موجب سپر هاءِ وي نيو سبزي منڊي ويجهو فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو، زخمي نثار احمد کي اسٽيڊيم روڊ تي واقع خانگي اسپتال منتقل ڪيو ويو.










