ڪراچي جي فيڊرل بي ايريا مان وڏي تعداد ۾ هٿيار هٿ

ڪراچي جي فيڊرل بي ايريا مان وڏي تعداد ۾ هٿيار هٿ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي علائقي فيڊرل بي ايريا ۾ اسپيشل سيڪيورٽي ۽ پوليس جي گڏيل ڪارروائي دوران هڪ جڳهه مان وڏي تعداد ۾ هٿيار ۽ گولا بارود هٿ ڪيا ويا آهن. فيڊرل بي ايريا ۾ اسپيشل سيڪيورٽي يونٽ ۽ پوليس خفيا اطلاع تي گڏجي ڪارروائي ڪئي. ان دوران هڪ جڳهه مان 38 ايس ايم جي، 9 آر پي جي، 60 دستي بم، 10 ڊيٽو نيٽر، 7 مارٽر گولا، 75 ميگزين، بارود سان ڀريل 53 پيٽيون، هڪ سيٽلائيٽ فون ۽ 2 پاسپورٽ هٿ ڪيا ويا آهن. انتظاميه مطابق ڪارروائي دوران ڪا به گرفتاري عمل ۾ نه آئي جڏهن ته هٿيارن جي حوالي سان وڌيڪ تحقيقات ڪئي پئي وڃي ته جيئن هٿياربندن جو پتو لڳائي سگهجي.

پهنجو تبصرو موڪليو