ڪراچي جي عوام بدمعاشي ۽ ڌمڪين جي سياست جو خاتمو ڪري ڇڏيو

ڪراچي جي عوام بدمعاشي ۽ ڌمڪين جي سياست جو خاتمو ڪري ڇڏيو

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت جي ترجمان ۽ قانوني صلاحڪار بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته ڪراچي جي عوام بدمعاشي ۽ ڌمڪين جي سياست جو خاتمو ڪري ڇڏيو آهي، سرڪاري ۽ خانگي ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ وارن کي احتساب ڏيڻو پوندو، پوليس آفيسرن ۽ شهرين تي تشدد ڪرڻ وارن خلاف فساد، ڀڃ ڊاهه ۽ دهشتگردي جا ڪيس قائم ڪيا ويا آهن، عمران نيازي فسطائيت تي اچي ويو آهي، هن جي سوچ مودي جي سوچ آهي، فوج، پارليامينٽ ۽ عدليه خلاف ڀڙڪائڻ وارا ڀارت ۽ ملڪ دشمنن کي ڪهڙو پيغام ڏئي رهيا آهن؟ اهڙن خيالن جو اظهار هن اربع ڏينهن سنڌ اسيمبلي جي ڪميٽي روم ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو، بئريسٽر مرتضيٰ وهاب وڌيڪ چيو ته سڀاڻي جيڪا سياسي پارٽي پاڻ کي تبديليءَ جي سياسي پارٽي چوندي هئي، اهو ليڊر جيڪو پنهنجي پاڻ کي امن جو ليڊر چوندو هو جيڪي جماعت عوام کي سڪون ڏيڻ جون ڳالهيون ڪندي هئي، ڪالهه قوم ڏٺو ته ڪيئن هنن هڪ فرد جي فرعونيت خاطر سڄي قوم کي غلام بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي اها سياسي پارٽي آهي جيڪا چوندي هئي ٻه نه هڪ پاڪستان، هميشه چوندو آهيان ته پي ٽي آءِ تباهي جو نالو آهي انهن چار سالن ۾ صرف تباهي ڏني ڪالهه هڪ دفعو ٻيهر تباهي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پي ٽي آئي سوچ کي تباهه ڪيو آهي تون ته هن وقت نه ئي وزيراعظم آهين نه ئي ايم اين اي، هي ڪهڙي مدمعاشي جي سياست آهي، هن چيو ته ڪراچي شهر کي بدقسمتي سان گڏ هر ڪوئي غلام بڻائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ته شهر جي شيون تنهنجي پيءُ جون شيون ناهن وڏي مشڪلن سان هن شهر ۾ هڙتال جي سياست ختم ڪئي هئي توهان پنهنجي ذات جي خاطر ڪراچي جو امن خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيو، پيپلز بس جيڪا عام ماڻهو استعمال ڪندو آهي توهان انهن بسن کي ساڙي ۽ ڀڃين ڇڏيو، مائرن ڀينرن کي بسن مان زبردستي هيٺ لاٿو ويو، انهن جو بسون ساڙيون ويون ماڻهن تي پتر وسايا ويا هي بسون توهان جي ذاتي ملڪيت ناهي، هي سرڪاري بسون آهن، ڪراچي واٽر بورڊ منهنجي ذاتي ملڪيت ناهي، مان سکشن مشين کي جادوئي گاڏيون چوان ٿو، اهي لائنون ڪليئر ڪنديون آهن، توهان اهي به ساڙي ڇڏيون، عمران خان کي گرفتار ڪرڻ جو فيصلو، ڇا ڪراچي وارن ڪيو هو؟ بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته قيدين جي وين کي به باهه ڏني وئي هي هڪ کان ڏيڊ ڪلو ميٽر جي احاطي ۾ بدمعاشي ڪري رهيا هئا هي انهن جو انصاف هو انهن جي ذاتي گاڏين کي ساڙيو ويو ڪالهه انتظاميا متحرڪ انداز ۾ ڪم ڪيو پوري شهر کي هو يرغمال نه بڻائي سگهيا، رينجرز جي خالي چوڪي کي ساڙيو ويو، بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته سنڌ جو وڏو وزير پاڻ شهر جي دوري تي ويو. پوليس، انتظاميا سڀ موجود هئا، ٽيپو سلطان جو پل اسان جي سامهون سڙي رهيو هو سموري حالت پنهنجي اکين سان ڏٺي صبح جو 8 وڳي وزيراعليٰ سنڌ پاڻ پوري شهر جو رائونڊ ورتو رات ۾ انتظاميا ڪم ڪري رهي هئي روڊ کي ڪليئر ڪيو ويو، بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته ڪراچي جي عوام بدمعاشي جي سياست کي ختم ڪري ڇڏيو آهي هاڻي هتي خوف جي سياست جي ڪابه گنجائش نه آهي ڪيترائي ماڻهو گرفتار ٿيا آهن ۽ ڪيترائي گرفتار ٿيندا جيڪي قانون هٿ ۾ کڻندا انهن جي خلاف ڪارروائي ٿيندي هي تياري سان گڏ آيا هئا ڪوشش ڪئي وئي ته رش کي ڪنٽرول ڪيو وڃي شهر اسان کين مفلوج انهن کي نه ڪرڻ ڏنو انصاف هائوس بند ڪيون ها ته عدالت هليا وڃن ها ڪوئي جاني نقصان نه ٿيو هي انتظاميا جي ڪاميابي آهي هن 2 وڳي جو اعلان ڪيو آهي اڄ اچو ٻاهر اسان به بيٺل آهيون. هي سموري دهشتگردي آهي 7 اي ٽي اي جي ڪيسن ٿيڻ شروع ٿي ويا آهن ڪنهن کي قانون هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت نه ڏينداسين قانون ضرور حرڪت ۾ ايندو. اسان کي عزت ۽ احترام جي سياست ڪرڻ گهرجي ۽ بدمعاشي جي سياست ختم ڪرڻ گهرجي. هڪ سوال تي هن چيو ته قانون موجب سندس آفيس به سيل ڪري سگهجي ٿي، فوجداري قانون ۾ ريڪوري جو ڪو به طريقو ناهي، ان معاملي تي ڪابينا ۾ بحث ڪيو ويندو، عمران خان جي سوچ ته مودي واري آهي خان صاحب مودي جي ڪاميابي لاءِ دعاگو هئا سوچ ۽ طريقو ٻنهي جو هڪ جهڙو آهي. بلاول ڀٽو پاڪستان جي ڪيس ڀارت جي هوم گرائونڊ ۾ سٺي طريقي سان کيڏيو هي ماڻهو ان ۾ به ناڪاري ڳالهيون ڪري رهيا هئا، ڀارت جي پرڏيهي وزير جي تعريف ڪري رهيا هئا گهڻو ٿي ويو، هاڻي ان سوچ جو ڪجهه ڪرڻو پوندو، هن چيو ته چئن سالن تائين عمران خان خان صاحب نيب جو ترجمان هو، اڄ چوي ٿو ته نيب بدانتظامي ڪري رهي آهي، جڏهن قانون سازي ڪئي وئي ته چوندو هو ته نواز شريف لاءِ قانون ٺاهيو آهي، اڄ سندس وڪيل به ان ئي قانون جو سهارو وٺي رهيا آهن، بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته عدالت، پارليامينٽ، فوج ۽ ٻيا ادارا رياستي ادارا آهن ڀارت ۽ ملڪ دشمنن کي ڪهڙو پيغام ڏئي رهيا آهن؟

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو