ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي سائيٽ ايريا نورس چورنگي ويجهو پلاسٽڪ جي سامان جي فيڪٽري ۾ باهه لڳي وئي.فائر برگيڊ عملدارن موجب، 5 فائر ٽينڊر باهه وسائڻ جي عمل ۾ حصو ورتو.ريسڪيو عملدارن جو چوڻ آهي ته باهه لڳڻ وقت فيڪٽري ۾ ڪو به موجود نه هو، جنهن ڪري ڪنهن به جاني نقصان جو خدشو ناهي.اختيارين اڃا تائين باهه لڳڻ جو سبب معلوم نه ڪيو آهي.










