ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي مختلف روڊن ۽ هاءِ ويز تي ٽريفڪ معمول موجب هلي رهي آهي، شارع فيصل جي ٻنهي پاسن جا رستا ٽريفڪ لاءِ کليل آهن.شارع فيصل تي مختلف هنڌن تي پوليس ۽ رينجرز اهلڪار مقرر آهن، جڏهن ته روڊن تي مختلف هنڌن تي مظاهرين پاران پٿراءُ پڻ ڪيو پيو وڃي.ڪي ايم سي جو عملو شارع فيصل تي صفائي جي ڪم ۾ مصروف آهي.ڪالهه پي ٽي آءِ ڪارڪنن پوليس ۽ رينجرز تي پٿراءُ ڪيو ۽ پوليس ۽ رينجرز جون پوسٽون ساڙي ڇڏيون.ذريعن موجب شهر جي مختلف هنڌن تان پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي.ٻئي طرف ڪراچي ۾ تعليمي ادارا معمول موجب کليل رهيا.ميٽرڪ بورڊ نائين ۽ ڏهين ڪلاس جا پيپر اڄ به معمول موجب ورتا ويندا.ڪيمبرج بورڊ جي ماتحت ٿيندڙ پيپر منسوخ ڪيا ويا آهن جڏهن ته ڪيترن ئي خانگي اسڪولن جي انتظاميا اڄ اسڪول بند رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي.










