ڪراچي جي ترقياتي رٿائن بابت اهم اجلاس

ڪراچي جي ترقياتي رٿائن بابت اهم اجلاس

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)  مڪاني کاتي جي وزير سيد ناصر حسين شاهه ۽ تعليم واري وزير سعيد غني جي صدارت هيٺ ڪي ايم سي، ڪي ڊي اي ۽ ڪراچي واٽر بورڊ جي ترقياتي منصوبن بابت  اهم اجلاس ٿي گذريو ، اجلاس ۾ سيڪريٽري بلديات نجم احمد شاهه، ايڊمنسٽريٽر ڪي ايم سي لئيق احمد، اسپيشل سيڪريٽري بلديات نجيب احمد، ايم ڊي واٽر بورڊ اسدالله خان ، ڊائريڪٽر جنرل ڪي ڊي اي ۽ ٻيا شريڪ ٿيا. اجلاس ۾ ذوالفقار آباد آئل ٽرمينل، يوسف ڳوٺ سرجاني ٽائون مان پاڻي جي نيڪال جو مستقل حل، ڪي فور، ٽي پي ون، ٽو ۽ ٿري، ڌاٻيجي پمپنگ اسٽيشن جي اپگريڊيشن، سامونڊي پٽي تي ننڍين جيٽين جي تعمير سميت ڪراچي شهر جي روڊن جي مختلف اسڪيمن جو جائزو ورتو ويو. صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو ته  ذوالفقار آباد آئل ٽرمينل اهم منصوبو آهي. منصوبو سنڌ حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آھي. ته جيئن ڪراچي مان آئل ٽينڪرز جي منتقلي ڪري سگهجي.  سيد ناصر حسين شاهه  ايڊمنسٽريٽر ڪي ايم سي کي هدايت ڪئي ته منصوبي جي سائيٽ جو دورو ڪري ٽرمينل  تي سهولتن جي رپورٽ پيش ڪئي وڃي ته جيئن منصوبي جي مستقبل جو فيصلو ٿي سگهي. مڪاني کاتي واري وزير عظيم پوره ملير 15 جي اسڪيم بابت انڪوائري جا حڪم جاري ڪيا آهن. هن چيو ته اسڪيم لاءِ رقم ڪيئن  جاري ڪئي وئي،  جڏهن ڪم ئي ناهي ٿيو ته پئسا ڪٿي خرچ ڪيا ويا.صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيوته يوسف ڳوٺ سرجاني ٽائون ۾ پاڻي جي نيڪال جي منصوبي لاءِ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري خاص هدايتون ڏنيون آهن منصوبو سنڌ حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آھي. تعليم واري صوبائي وزير سعيد غني چيو ته پراڻيون اسڪيمون جنهن تي ڪم شروع نه ٿيو آهي اهي ڊراپ ڪيون وڃن.هن چيو ته  يوسف ڳوٺ سرجاني ٽائون جي لاءِ وار فُٽنگ تي اريجمينٽ ڪيا وڃن ته جيئن ايندڙ برسات ۾ ماڻهن کي مصيبت کان بچائي سگهجي. انهي سان گڏ يوسف ڳوٺ جي مسئلي جي مستقل حل لاءِ جامع منصوبو جوڙيو وڃي ته جيئن انهي تي جلد کان جلد ڪم شروع ٿي سگهي. هن چيو ته  يوسف ڳوٺ جا ماڻهو سخت تڪليف ۾ آهن. سيد ناصر حسين شاهه چيو ته جاري ترقياتي اسڪيمن تي ڪم جي رفتار تيز ڪئي وڃي. صوبائي وزير ڊائريڪٽر جنرل ڪي ڊي اي کي هدايت ڪئي ته پارڪس ۽ فلاحي پلاٽن تان قبضا هٽائڻ لاءِ آپريشن شروع ڪيو وڃي ۽ ماضي ۾ جن پلاٽن تان قبضا ختم ڪرايا ويا هئا اتي پبلڪ پرائيوٽ پارٽنر شپ تحت راندين جا ميدان ۽ پارڪ تعمير ڪرايا وڃن. هن چيو ته ريڙهي ڳوٺ ۽ ابراهيم حيدري ۾ تعمير ڪيل جيٽين کي فعال ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو