اسلام آباد(بيورو رپورٽ)شماريات کاتي جي اختيارين آدمشماري ۾ ڪم ڪندڙ عملدارن کي هدايتون جاري ڪري ڇڏيون ته ڪراچي جي مردم شماري کي جعلسازي ذريعي وڌايو وڃي. اسلام آباد جي هڪ عورت آفيسر وائيس ميسيجز ذريعي لاڳاپيل آفيسرن کي حڪم جاري ڪيا آهن ته مردم شماري جي هر ملازم اڄ ۽ سڀاڻي گهٽ ۾ گهٽ 15 اضافي گهرن جي رجسٽريشن ڪري ۽ انهن جا تفصيل فراهم ڪري، عورت آفيسر ملازمن کي ڌمڪي ڏيندي چيو ته حڪم نه مڃيندڙ ملازمن کي اڄ معطل نه ڪيو ويندو، برطرف ڪيو ويندو،










