ڪراچي جي آبادي ۾ 18 لک کان وڌيڪ اضافو ٿي چڪو

ڪراچي جي آبادي ۾ 18 لک کان وڌيڪ اضافو ٿي چڪو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي ڳڻپ واري اداري جي ڊائريڪٽر منور گهانگهرو چيو آهي ته 2017 جي ڀيٽ ۾ ڪراچي جي آبادي ۾ 18 لک کان وڌيڪ جي واڌ ٿي چڪي آهي خاص ڳالهه ٻولهه ۾ منور گهانگهرو چيو ته انگن اکرن مطابق ڪراچي جي آبادي هڪ ڪروڙ 78 لک 70 هزار کان مٿي آهي هن چيو ته اڄوڪي انگن اکرن مطابق سنڌ جي آبادي ۾ 3 لک ماڻهن جي واڌ ٿي آهي منور گهانگهرو چيو ته سنڌ جي آبادي 5 ڪروڙ 49 لک کان مٿي ٿي وئي آهي هن چيو ته سنڌ جي 21 ضلعن ۾ آدمشماري مڪمل ٿي وئي. جڏهن ته ٻن ضلعن ۾ جزوي ڪم مڪمل ٿيو آهي هن چيو ته 7 ضلعن ۽ ٻن تعلقن ۾ آدمشماري جاري رهندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو