حافظ کي شڪست، وهاب ميئر ۽ سلمان مراد ڊپٽي ميئر چونڊجي ويا

حافظ کي شڪست، وهاب ميئر ۽ سلمان مراد ڊپٽي ميئر چونڊجي ويا

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پيپلز پارٽي جو مرتضيٰ وهاب 173 ووٽ کڻي ڪراچي جو ميئر چونڊجي ويو.ڪراچي جي ميئر لاءِ پيپلز پارٽي جي اميدوار مرتضيٰ وهاب ۽ جماعت اسلامي جي حافظ نعيم وچ ۾ مقابلو ٿيو، جنهن ۾ مرتضيٰ وهاب کي 173 ووٽ مليا جڏهن ته حافظ نعيم کي 160 ووٽ مليا، اهڙي طرح مرتضيٰ وهاب 13 اضافي ووٽن سان ڪراچي جو ميئر چونڊجي ويو. اليڪشن ڪميشن طرفان اعلان ڪيو ويندو،ڪراچي جي آرٽس ڪائونسل آڊيٽوريم کي ڪو پولنگ اسٽيشن قرار ڏنو ويو جتي 33 چونڊيل ماڻهو موجود هئا جڏهن ته 32 ميمبر نه پهتا. ڪراچي جي ميئر لاءِ پيپلز پارٽي جي اميدوار مرتضيٰ وهاب لاءِ ووٽنگ جو عمل مڪمل ٿي ويو، جنهن کانپوءِ جماعت اسلامي جي اميدوار حافظ نعيم الرحمان لاءِ ووٽنگ ڪرائي وئي.

سلمان عبدالله مراد ڊپٽي ميئر چونڊجي ويو

ميئر ڪراچي جي چونڊ نتيجن جي اعلان کانپوءِ ڊپٽي ميئر ڪراچي لاءِ مقابلو ٿيو جنهن ۾ پيپلز پارٽي جو اميدوار سلمان عبدالله مراد ڊپٽي ميئر چونڊجي ويو.

پي ٽي آءِ جي 30 باغي ميمبرن ووٽ نه ڏيڻ جو فيصلو  

پي ٽي آءِ جي 30 منحرف ميمبرن ميئر ڪراچي جي چونڊ لاءِ ووٽ ڪاسٽ نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ پولنگ اسٽيشن نه پهتا.فردوس شميم سميت پي ٽي آءِ جا 3 ميمبرن کي بڪتر بند ۾ آ ندو ويو،جڏهن ته پيپلز پارٽي ۽ جماعت اسلامي جا ڪارڪن پولنگ اسٽيشن ٻاهران گڏ هئا.  پولنگ اسٽيشن ٻاهران ٻنهي پارٽين جي ڪارڪنن سخت نعريبازي ڪئي.

آصف زرداري پاران مرتضيٰ وهاب کي مبارڪون

اڳوڻي صدر آصف زرداري مرتضيٰ وهاب کي ڪراچي جي ميئر جي چونڊ ۾ ڪاميابي تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته چونڊيل مڪاني نمائندن جي ڪاميابي ڪارڪنن جي محنت جو نتيجو آهي، عوام لاءِ پنهنجي آفيسن جا دروازا کليل رکو.

مرتضي وهاب ۽ سلمان مراد کي مبارڪباد، جمهوريت بلاشڪ بهترين انتقام آهي:بلاول

پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري شهر قائد جي ميئر ۽ ڊپٽي ميئر جي چونڊ کي پارٽي جي تاريخي ڪاميابي ۽ ان ترقي کي سمورين پارٽين جي فتح قرار ڏنو آهي. ميڊيا سيل بلاول هائوس پاران جاري ڪيل بيان موجب پ پ چيئرمين مرتضيٰ وهاب صديقي کي ڪراچي جو ميئر ۽ سلمان عبدالله مراد کي ڊپٽي ميئر چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته اها ڪاميابي ڪراچي جي جيالن جي ڊگهي جدوجهد ۽ قربانين جو نتيجو آهي. هن چيو ته ملڪ جي معاشي حب ۾ نفرت ۽ ورهاڱي جي سياست پنهنجي منطقي انجام تي پهچي چڪي آهي، جمهوريت بلاشڪ بهترين انتقام آهي. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته قائد جي شهر کي حقيقي عروس البلاد بڻائينداسين ۽ ڪراچي هاڻي ترقي، امن ۽ ڀائيچاري جو گهوارو بڻجندو. هن چيو ته لوڪل گورنمينٽ ڪراچي جي هر گهٽي، پاڙي ۽ علائقي جا مسئلا بنا فرق جي حل ڪندي،هن چيو ته مرتضيٰ وهاب ۽ سلمان عبدالله مراد سميت پاڪستان پيپلز پارٽي جي سمورن چونڊيل نمائندن جي ڪلهن تي هاڻي وڏيون ذميواريون آهن  پر مون کي يقين آهي ته ماضيءَ ۾ ڏکين حالتن کي منهن ڏيڻ وارا جيالا پنهنجيون ذميواريون سٺي نموني نڀائي هڪ نئين تاريخ رقم ڪندا.

پهنجو تبصرو موڪليو