ڪراچي تي قبضي خلاف سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جو احتجاج

ڪراچي تي قبضي خلاف سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جو احتجاج

ڪراچي (نمائندن وٽان) پاڪستان پيپلز پارٽي جي سڏ تي سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ ڪراچي تي وفاق جي قبضي خلاف احتجاج ڪيو ويو. جلوس ڪڍي مظاهرا ڪيا ويا ۽ تحريڪ انصاف ۽ ايم ڪيو ايم خلاف نعربازي ڪئي وئي.

Jacobabad-PPP protest, Photo Sindhyar

مقررن چيو ته سنڌ جي وحدانيت ڏانهن جنهن به اکيون کنيون ته اهي ڪڍي چڏينداسن ۽ سنڌ واسي جان جو نذرانو پيش ڪندا.  هنن چيو ته وفاق جي ناپاڪ ارادن کان سنڌ جو ٻچو ٻچو واقف ٿي چڪو آهي.

Tando Bagho PPP Protest, Photo Sindhyar

سکر، جيڪب آباد، شڪارپور، گهوٽڪي، ميرپور ماٿيلو، ڪنڌ ڪوٽ، لاڙڪاڻو، خيرپور، نوشهرو فيروز، دادو، ڄامشورو، حيدرآباد، شهيد بينظير آباد، سانگهڙ، ميرپورخاص، عمر ڪوٽ، ٺٽو، بدين، مٺي سميت سڄي سنڌ جي ننٺن وڏن شهرن ۾ جلوس ڪڍيا ويا.

Khairpur PPP Protest, Photo Sindhyar

اسلام آباد ۾ به پيپلز پارٽي نيشنل پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو جنهن ۾ عاجز ڌامراهه ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو