ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): ڪراچي جي علائقي صفورا چورنگي وٽ بئنڪ ٻاهران شهريءَ کان 1 ڪروڙ 25 لک رپيا ڦر ڪرڻ واري واردات جو ڪيس سچل ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو آهي. مدعيءَ موجب 3 کان 4 مسلح ڦورو رقم ڦري فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا، جنهن جي فائرنگ سان عامري نالي شهري زخمي ٿي پيو. پوليس سي سي ٽي وي فوٽيجز حاصل ڪري جوابدارن جي ڳولا ۽ رقم جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.










