ڪراچي ايوب ڳوٺ ۾ غيرقانوني حددخلين خلاف آپريشن

ڪراچي ايوب ڳوٺ ۾ غيرقانوني حددخلين خلاف آپريشن

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ سھراب ڳوٺ ٿاڻي جي حد ايوب ڳوٺ ۾ ايس ايڇ او سھراب ڳوٺ رياض احمد ڀٽو جون غيرقانوني حددخلين خلاف من پسند جاين تي آپريشن، پورھيتن جا ڇاپرا ۽ بيٺل ريڙھا ھٽائي ڇڏيا، ڪيترن ئي پورھيتن کي گرفتار ڪري ورتو.ان حوالي سان ايس ايڇ او سھراب ڳوٺ رياض احمد ڀٽو صحافين کي ٻڌايو ته ايڊيشنل آءِ جي سنڌ جي حڪم تي مين روڊن تان غيرقانوني ڇاپرا ۽ اڏاوتون ھٽايون پيون وڃن ۽ نه ھٽائيندڙن کي گرفتار پڻ ڪيو ويو آھي.ٻئي طرف پورھيتن ٻڌايو ته پوليس من پسند جڳھن تي ڪارروائي ڪئي آھي، صرف اسان غريبن جا اڏا ڊاھيا ويا آھن، جڏھن ته پوري علائقي ۾ پڪا ڇاپرا ۽ اڏاوتون ٿيل آھن. جنھن خلاف پوليس ڪارروائي ناھي ڪئي، غريبن لاءِ الڳ ۽ اميرن لاءِ الڳ قانون ٺاھيو ويو آھي.پورھيتن آءِ جي سنڌ ۽ ايڊيشنل آءِ جي کان مطالبو ڪيو آھي ته غيرقانوني قبضن خلاف من پسند ڪارروايون بند ڪري ميرٽ جي بنياد تي قبضا ھٽرايا وڃن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو