ڪراچي: ايم ڪيو ايم جي مرڪز تي فائرنگ ۾ ملوث جوابدار گرفتار

ڪراچي: ايم ڪيو ايم جي مرڪز تي فائرنگ ۾ ملوث جوابدار گرفتار

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ بهادر آباد ۾ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي عارضي مرڪز تي 2 گروپن جي وچ ۾ جهيڙي جي دوران هوائي فائرنگ جي واقعي کي 2 ڏينهن گذري ويا، پر اڃان تائين ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي.پوليس اختيارين موجب ڪيس کي داخل ڪرڻ جي لاءِ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ڪنهن به ڌڙي طرفان اڃان تائين ڪوبه رابطو ناهي ڪيو ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته رابطو ٿيڻ تي فوري طور تي ڪيس داخل ڪيو ويندو. جيڪڏهن ڪنهن ڌڙي رابطو نه ڪيو ته سرڪار جي مدعيت ۾ ڪيس داخل ڪيو ويندو. پوليس ذريعن موجب ڪيس جو متن تيار ڪيو ويو آهي اعليٰ پوليس آفيسرن جي اجازت ملندي ئي ڪيس داخل ڪيو ويندو.ذريعن جو چوڻ آهي ته اڄ ڪيس داخل ٿيڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته ڪيس داخل ٿيڻ کان پوءِ ئي گرفتار ٿيل ماڻهن جي گرفتاري ظاهر ڪرڻ جو به امڪان آهي. پوليس ذريعن موجب ايم ڪيو ايم پاڪستان جي عارضي مرڪز تي جهيڙي ۽ فائرنگ جي واقعي ۾ مبينه طور تي ملوث ڪيترن ئي ماڻهن کي ڇاپا مار ڪارروائين جي دوران گرفتار ڪيو ويو آهي، جن ۾ ڪيترائي اهم نالا به شامل آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو