ڪراچي پوليس مقابلو، هڪ ڏوهاري مارجي ويو، هڪ اهلڪار زخمي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ شاهراهه فيصل ايئرپورٽ ويجهو مقابلي دوران هڪ ڏوهاري سخت زخمي ٿي پيو.پوليس موجب شاهراهه فيصل تي ايئرپورٽ ويجهو پوليس ۽ ڌاڙيلن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ پوليس اهلڪار 3 گوليون لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيو، جڏهن ته ڌاڙيلن جوابي فائرنگ ڪئي، جنهن ۾ هڪ ڌاڙيل پڻ زخمي ٿي پيو.زخمين کي ريسڪيو اهلڪارن جناح اسپتال منتقل ڪيو، جتي هو فوت نه ٿي سگهيو، جڏهن ته زخمي اهلڪار غلام قادر کي اسٽيڊيم روڊ تي واقع خانگي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي سندس حالت نازڪ ٻڌائي پئي وڃي.پوليس جو چوڻ آهي ته علاج دوران فوت ٿيل ڌاڙيل جي اڃا تائين سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو