ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ايئرپورٽ تي جهاز جي انجڻ ۽ پرزا غائب مليا آهن.ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪراچي ايئرپورٽ تي پرائيويٽ فلائنگ اسڪول جي هينگر ۾ رکيل جهازن جا پرزا ۽ انجڻ غائب ٿي ويا آهن.سي اي اي خانگي فلائنگ اسڪول جو هينگر سيل ڪري ڇڏيو، سي اي اي نجي ڪمپني ايوي ايشن کي نااهل قرار ڏئي ڇڏيو.نااهل قرار ڏيڻ کانپوءِ، سي اي اي جهاز کي تحويل ۾ وٺي ان کي سيل ڪري ڇڏيو.هينگر سيل ٿيڻ باوجود جهازن مان ڪروڙين رپين جون انجڻون ۽ پرزا غائب ٿي ويا.هينگر ۾ بيٺل 2 جهازن جا ونگز به غائب آهن.هاءِ الرٽ سيڪيورٽي زون ۾ واقعي جي حوالي سان سي اي اي اختيارين طرفان ايف آءِ آر داخل نه ڪئي وئي آهي.










