ڪراچي ۾ ،لوڊشيڊنگ 15 ڪلاڪن تائين پهچي وئي

ڪراچي ۾ ،لوڊشيڊنگ 15 ڪلاڪن تائين پهچي وئي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ لوڊشيڊنگ جو مدو 8 کان 15 ڪلاڪن تائين پهچي ويو.شهر جي مختلف علائقن ۾ سحر ۽ افطار جي وقت به بدترين لوڊشيڊنگ جاري آهي.ڪراچي جي علائقي لياري، کھارادر، نئون آباد، ڪورنگي، اورنگي، لانڍي، ملير، لياقت آباد، قائد آباد، نيو ڪراچي ۽ نارٿ ڪراچي جي علائقن ۾ ڊگهي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي.ان کان علاوه ناظم آباد، نارٿ ناظم آباد، گوليمار، سرجاني، شير شاهه، آءِ آءِ چندر نگر روڊ، ريلوي ڪالوني ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ 8 کان 11 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي، لوڊشيڊنگ جو سلسلو جاري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو