روهڙي (ن سنڌيار)ايڪسائيز پوليس جي ڪارروائي ڪراچي اسمگلنگ ٿيندڙ ڀنگ جي ڪوشش ناڪام، 2 ملزم گرفتار ڪري مٿن منشيات ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري ڇڏيو. قومي شاهراھ تي ايڪسائيز چيڪ پوسٽ عملي پاران ايڪسائيز انسپيڪٽر قمر سيال جي قيادت ۾ سنڌ، پنجاب، ۽ بلوچستان روٽ تي هلندڙ گاڏين جي چيڪنگ دوران ڪراچي ويندڙ مزده نمبر LES9975 ۾ ڪٽن ۽ ڪاغذي ٿيلهن ۾ ڀريل 600 ڪلو ڀنگ هٿ ڪري ورتي انسپيڪٽر قمرالدين سيال مطابق منشيات پنجاب کان ڪراچي اسمگلنگ ٿي رهي هئي ته ڇاپو هڻي ڪارروائي ڪندي 2 جوابدارن ڪليم الله ۽ محمد حنيف کي گرفتار ڪري انهن خلاف منشيات ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي جڏهن ته اسمگلنگ ۾ استعمال ٿيندڙ مزدا کي به حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي ٻئي پاسي ايڪسائيز عملي جي اهڙي ڪامياب ڪارروائي ڪرڻ تي صوبائي وزير ايڪسائيز، ٽيڪسيشن ۽ انسداد منشيات مڪيش ڪمار چاولا پاران مبارڪباد جو پيغام ڏنو ويو آهي.










