ڪراچي آئوٽ، اڄ زلمي جو اسلام آباد سان مقابلو ٿيندو

دبئي(ويب ڊيسڪ) پشاور زلمي پهرين ايليمينيٽر ميچ ۾ دفاعي چيمپئن ڪراچي کي شڪست ڏئي ٽورنامنٽ مان ٻاهر ڪري ڇڏيو آهي. اڄ زلمي جو مقابلو اسلام آباد سان ٿيندو ۽ جيڪا ٽيم کٽندي اها فائنل ۾ ملتان جو مقابلو ڪندي. ڪراچي اڳ ۾ بيٽنگ ڪندي 7 وڪيٽن جي نقصان تي 175 رنز ٺاهيون. بابر اعظم 53، ٿيسارا پريرا37 ۽ شرجيل خان 26 رنز سان نمايان بيٽسمين رهيا. عرفان، وهاب ۽ اميد ٻه ٻه وڪيٽون ورتيون. جواب ۾ زلمي 19.5 اوورز ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 176 رنز ٺاهي ميچ کٽي ورتي. حضرت الله زازئي زبردست بيٽنگ ڪندي 38 بالن تي 77 رنز اسڪور ڪيون، شعيب ملڪ 30 ۽ ردرفورڊ 17 رنز ٺاهي نمايا رهيا. ٿيسارا پريرا 2، عامر ۽ الياس هڪ هڪ وڪيٽ ورتي.

پهنجو تبصرو موڪليو