ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ ٽريفڪ حادثن ۾ هڪ عورت ۽ هڪ مرد فوت ٿي ويا.ريسڪيو اختيارين موجب، قيوم آباد چورنگي تي بس جي ٽڪر ۾ هڪ عورت فوت ٿي وئي.ان حوالي سان پوليس جو چوڻ آهي ته ڊرائيور کي حراست ۾ ورتو ويو آهي ۽ بس کي به تحويل ۾ ورتو ويو آهي.ان دوران، ڊفينس موڙ تي ٽرڪ جي ٽڪر ۾ هڪ رڪشا ڊرائيور فوت ٿي ويو.










