ڪراچي، سائيٽ ۾ ٽرڪ جي ٽڪر  سبب عورت فوت

ڪراچي، سائيٽ ۾ ٽرڪ جي ٽڪر سبب عورت فوت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ سائيٽ باچا خان چوڪ ويجهو ٽرڪ جي ٽڪر ۾ هڪ عورت فوت ٿي وئي. شهرين ٽرڪ ڊرائيور حمزه کي گرفتار ڪري پوليس جي حوالي ڪري ڇڏيو، جڏهن ته عورت جي لاش کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.پوليس جو چوڻ آهي ته عورت موٽرسائيڪل تان ڪري پئي ۽ ٽرڪ سان ٽڪرائجي وئي، واقعي جي وڌيڪ جاچ جاري آهي.ٻئي طرف، ڀينس ڪالوني ۾ ٽرڪ جي ٽڪر ۾ 8 سالن جي ڇوڪري فوت ٿي وئي.پوليس موجب، ڇوڪري بس مان لهڻ کان پوءِ روڊ پار ڪري رهي هئي ته ٽرڪ کيس ٽڪر هنيو.پوليس موجب، ڊرائيور کي گرفتار ڪري ٽرڪ سميت پوليس اسٽيشن منتقل ڪيو ويو آهي. گرفتار ڊرائيور وٽ ڊرائيونگ لائسنس به ناهي.

پهنجو تبصرو موڪليو