ڪراچي، بس جو 2 موٽرسائيڪلن کي ٽڪر، 3 ڄڻا فوت، ڊرائيور گرفتار

ڪراچي، بس جو 2 موٽرسائيڪلن کي ٽڪر، 3 ڄڻا فوت، ڊرائيور گرفتار

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) شاهراهه فيصل ڊرگ روڊ انڊر باءِ پاس وٽ تيز رفتار مسافر مزدا 2 موٽر سائيڪلن تي سوار ماڻهن کي چيڀاٽي ڇڏيو جنهن جي نتيجي ۾ ماءُ پٽ سميت 3 ڄڻا فوت ۽ هڪ عورت سخت زخمي ٿي پئي.تفصيل موجب شاهراهه فيصل ڊرگ روڊ انڊر باءِ پاس وٽ تيز رفتار ڊي 11 روٽ جي مسافر مزدا 2 موٽر سائيڪلن تي سوار ماڻهن کي چيڀاٽي ڇڏيو جنهن جي نتيجي ۾ عورت سميت 3 ڄڻا موقعي تي فوت ٿي ويا جڏهن ته هڪ عورت زخمي ٿي پئي. حادثي جي اطلاع ملڻ تي پوليس ۽ ٽريفڪ پوليس موقعي تي پهچي وئي، خوفناڪ ٽريفڪ حادثي ۾ فوت ٿي ويل ۽ زخمي مانهن کي ايڌي ايمبولينس جي ذريعي جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو، پوليس فوري طور تي مسافر مزدا کي قبضي ۾ وٺي انهي جي ڊرائيور کي گرفتار ڪري لاڳاپيل ٿاڻي تي منتقل ڪري ڇڏيو.ايس ايڇ او شاهراهه فيصل افتخار احمد آرائين موجب حادثي ۾ فوت ٿي ويل موٽر سائيڪل سوار ماڻهن جي سڃاڻپ 60 ورهين جي سيما، 24 ورهين جي محمد شعيب ۽ 42 ورهين جي حارث جي نالي سان ڪئي وئي. حادثي ۾ زخمي عورت جي سڃاڻپ 24 ورهين جي نائله زال شعيب جي نالي سان ڪئي وئي.هن ٻڌايو ته شروعاتي ڄاڻ موجب حادثي ۾ محمد شعيب ۽ انهي جي والده فوت ٿي ويا جڏهن ته گهر واري زخمي ٿي پئي آهي. مقتول محمد شعيب پاڪستان نيوي جو ملازم ۽ شاهه لطيف ٽائون جو رهواسي هو. حادثي ۾ فوت ٿي ويل مقتول حارث لياري، آگره تاج ڪالوني جو رهواسي ٻڌايو پيو وڃي. هن ٻڌايو ته حادثي ۾ فوت ٿي ويل محمد شعيب پنهنجي والده ۽ گهر واري سان گڏ موٽر سائيڪل تي سوار هو جڏهن ته مقتول محمد حارث ڌار موٽر سائيڪل تي سوار هو. ايس ايڇ او شاهراهه فيصل موجب افسوسناڪ حادثو تيز رفتار مسافر مزدا جي بريڪ فيل ٿيڻ سبب پيش آيو آهي گرفتار ڊرائيور به ڏوهه جو اعتراف ڪندي ٻڌايو ته هن مسافر مزدا جا گير تبديل ڪري مزدا جي رفتار گهٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر گير تبديل نه ٿي سگهيا جنهن سبب حادثو پيش آيو. هن ٻڌايو ته حادثي بابت وڌيڪ ڄاڻ گڏ ڪئي پئي وڃي. جڏهن ته گرفتار ڊرائيور جي خلاف قانوني ڪارروائي به شروع ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو