ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هيلٿ ڪيئر ڪميشن جون ڪارروايون، هزارين اسپتال ۽ صحت مرڪز سيل ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي ته سنڌ هيلٿ ڪيئر ڪميشن طرفان 2019ع کان 2026ع تائين لڳ ڀڳ 14 هزار اسپتالن ۽ صحت مرڪزن جي رجسٽريشن ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، جڏهن ته ذريعن موجب غير رجسٽرڊ ۽ غير معياري طريقي سان هلندڙ 12 هزار 882 اسپتالن ۽ صحت مرڪزن کي سيل ڪيو ويو.ذريعن موجب ڪراچي جا وڏا سرڪاري اسپتال، جن ۾ جناح اسپتال ۽ سول اسپتال شامل آهن، سنڌ هيلٿ ڪيئر ڪميشن وٽ رجسٽرڊ نه هجڻ جو به انڪشاف ٿيو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته سيل ڪيل اسپتالن ۽ ڪلينڪن کي ٻيهر کولرائڻ لاءِ سياسي، پوليس ۽ مقامي بااثر ماڻهن طرفان دٻاءُ وجهڻ جا واقعا پڻ سامهون آيا آهن.ذريعن موجب عطائي ڊاڪٽرن ۽ غير قانوني طبي مرڪزن خلاف اثرائتي ڪارروائي نه ٿيڻ سبب هيپاٽائيٽس، ايڇ آءِ وي، ايڊز ۽ ٻين وچڙندڙ بيمارين جي پکڙجڻ جا خطرا پڻ وڌي رهيا آهن.










