ڪراچي منشيات سپلائي ڪندڙ انٽيليجنس اهلڪار  گرفتار

ڪراچي منشيات سپلائي ڪندڙ انٽيليجنس اهلڪار گرفتار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي علائقي گرو مندر مان منشيات سپلاءِ ڪندڙ انٽيليجنس اهلڪار کي سندس ساٿي سميت گرفتار ڪيو ويو. پوليس موجب ايس آءِ يو گرومندرا ويجهو ڪارروائي ڪندي منشيات فراهم ڪندڙ 2 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو.پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته ڇاپي دوران 42 ڪلو چرس هٿ ڪئي وئي، جڏهن ته گرفتار جوابدار شعيب جمشيد ٽائون ۾ تعينات آهي.پوليس جو چوڻ آهي ته انٽيليجنس آفيسر خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي جڏهن ته ڪيس ۾ منشيات فروش احمد فراز کي به نامزد ڪيو ويو آهي. پوليس موجب گرفتار انٽيليجنس آفيسر تي منشيات فروشن جي سرپرستي ڪرڻ جو به الزام آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو