ڪرائم سين،فوٽيج ۽ زيرِ حراست انٽرويوز نشر ڪرڻ تي به پابندي

ڪرائم سين،فوٽيج ۽ زيرِ حراست انٽرويوز نشر ڪرڻ تي به پابندي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان اليڪٽرونڪ ميڊيا ريگوليٽري اٿارٽي (پيمرا) ٽي وي چينلز لاءِ نئون حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن تحت ڪرائم سينز ۽ سي سي ٽي وي فوٽيج نشر ڪرڻ تي مڪمل پابندي لڳائي وئي آهي. پيمرا طرفان جاري هدايتن موجب ملزمان جا زيرِ حراست انٽرويوز نشر ڪرڻ تي به پابندي هوندي. اهو فيصلو سنڌ پوليس جي درخواست تي ڪيو ويو آهي، جنهن بعد ٽي وي چينلز کي هدايت ڏني وئي آهي ته هو ڪرائم سين فوٽيج، برآمد ٿيل سامان ۽ اهڙي نوعيت جا منظر نشر ڪرڻ کان پاسو ڪن. پيمرا جو چوڻ آهي ته پروگرام منيجزرز، نيوز ايڊيٽرز ۽ گرافڪ ڊيزائنرز کي به ان حڪم بابت فوري طور آگاهه ڪيو وڃي. اداري خبردار ڪيو آهي ته هدايتن جي ڀڃڪڙي جي صورت ۾ پيمرا آرڊيننس تحت سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو