نواب شاھ (اي ڪي ڏاهري) قاضي احمد ۾ هڪ مهيني دوران ڇتن ڪتن 55 معصوم ٻارڙن ،15 عورتن ۽ 20 مردن کي ڏاڙھي زخمي ڪري وڌو علائقي جي مختلف ڳوٺن نبي بخش ڏاهري ,سوني خان ڀٽي ,هاشم راهو ,نبي بخش ,الھ بخش ڪٻر ,عبدالله سيال ,قاضي حسين ,راوت چانڊيو ,شوڪت ڪالوني ,نواز قربان سميت وڏي انگ ۾ ڳوٺن جي مقامي رهواسين , اختيار علي ,مسمات شازيا ,محمد رفيق ,علي شان ,ممتاز علي ,غلام شبير ,نور محمد ,محصن علي , مسمات ياسمين ,بيگم ,ساجد علي انڙ سميت ٻين ماڻھن کي چڪ هڻي زخمي ڪري وڌو آھي ,ڇتي ڪتي جي ڏاڙھيل اڪثر ماڻھن ۾ عورتون ,معصوم ٻارڙا ,مرد شامل آھن ڪتن جي ڏاڙھيل مريضن کي زخمي حالت ۾ تعلقه اسپتال قاضي احمد پهچائڻ بعد اينٽي ريبس ويڪسين لڳرائڻ جو عمل پڻ ڪيو ويو آھي ان سلسلي ۾ ورتل معلومات موجب وڌيڪ ڪيترن ئي ڇتن ڪتن جي ڏاڙهيل ماڻھن کي بچاء واري ويڪسين نه هجڻ سبب نواب شاه ريفر ڪيو ويو آھي ,ڪتن جي کاڌل اڪثر ماڻھن کي ويڪسين لڳائي وئي آھي.










