ڪتا مار مهم لاءِ ساڍا 7ڪروڙ جاري، 3 هزار ڪتا مارجي چڪا

ڪراچي (شهزادو مستوئي) سنڌ جي لوڪل گورنمينٽ جي  سيڪريٽري روشن شيخ ڪتي جي چڪ جي اثرن کان بچاءِ واري ويڪسين جي فراهمي بابت داخل ڪيل درخواست تي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جواب داخل ڪرائي ڇڏيو. جنهن ۾  سندس پاران ڄاڻايوويو آهي ته ڪتن بابت جوڙيل ٽاسڪ فورس ڪيپسول ذريعي ڪتن کي مارڻ جي مخالفت ڪئي وئي آهي. ٽاسڪ فورس جو چوڻ آهي ته ڪتن کي ڪيپسول ذريعي مارڻ انتهائي اذيت ڏيندڙ عمل آهي ۽ جيڪڏهن ڪيپسپول کائڻ باوجود نه مرندڙ ڪتو ڇتو ٿيندو آهي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڪيپسول سان ڪتن کي مارڻ سان ماحول ۾ گدلاڻ به پيدا ٿيندي آهي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته گذريل هڪ مهيني دوران شهر ۾ ٽن هزارن کان وڌيڪ ڪتن ماريو ويو آهي. ياد رهي ته ڪراچي جي 6 ڊي ايم سيز کي ڪتا مارڻ لاءِ ساڍا ست لک رپيا جاري ڪيا ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو