خيرپورناٿن شاهه (برڪت چانڊيو) نامياري ليکڪ محترم مخلص سنڌي جي ڪتاب (خيرپورناٿن شاھ جي تاريخ) جي مھورتي تقريب سنڌي ادبي سنگت جي سھڪار سان ٿي گذري جنھن ۾ صحافين، سول سوسائٽي، استادن توڙي شاگردن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. تقريب جو خاص مهمان ڊاڪٽر خادم حسين لاکير، ايڊوڪيٽ محمد سچل اعواڻ، رفيق احمد پھنور، صحافي مختيار احمد چانڊيو، انور علي ڪانڌڙو، گلزار احمد سيال، ذوالفقار علي گاڏھي، وسيم احمد ڀرڳڙي، فداحسين سنجراڻي ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي. مقررين ليکڪ محترم مخلص سنڌي جي ڪتاب تي روشني وجھندي چيو ته خيرپورناٿن شاھ تعلقي جي جاگرافيائي تي سندس لکيل ڪتاب تاريخ جي ڄاڻ ڏيندڙ ھڪ مستند ڪتاب آھي ھن ڪتاب سان اسان جي نين نسل توڙي ھر پڙھندڙن جي ڄاڻ ۾ پڻ اضافو ٿيندو سندس محنت ۽ ڪوششن جي زبردست ساراھ پڻ ڪئي وئي ۽ چيو ته تاريخ گڏ ڪرڻ ۽ ان کي ڪتابي شڪل ڏيڻ ھڪ ڏکيو ۽ سخت محنت ڀريو ڪم آھي جيڪو مخلص سنڌي بخوبي سرانجام ڏنو آھي.










