ڊرگھ بالا رپورٽ(محمد اسماعيل لانگاھ) ڪاڇي جي جابلو پٽي گورک هل اسٽيشن, واهي پانڌي, سميت ڀرپاسي وارن علائقن ۾ تيز هوائن سان پيل برساتن ڪڻڪ جي بيٺل فصلن کي ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو سوين ڳوٺن ۾ ھزارين ايڪڙن تي ڪڻڪ جي فصل کي درپيش نقصان سبب هارين ۽ آبادگارن کي وڏي نقصان جو خطرو آهي هڪ پاسي ڪاڇي ۾ بصر ۽ مرچ آبادگارن کي لکين رپين جو نقصان ڏنو آهي اتي گذريل رات پيل برسات آبادگارن ۽ ھارين جي پريشانين ۾ وڌيڪ اضافو ڪري ڇڏيو آهي. هارين جو چوڻ آهي ته هن مهل ڪڻڪ جو داڻو کيرو آهي ۽ ڪڻڪ ڪري پوڻ سبب داڻو مري ويندو.










