ڊرگھ بالا (ن س)ڪاڇي جي لکين ماڻھن لاء موت جو پروانو تيار گاج نئين بند جو ڪم ڪرپشن سبب رولڙي جو شڪار ايندڙ سانوڻي ۾ وڏي تباهي جو خطرو موجود، رهواسين پاران ڳڻتي جو اظهار سپريم ڪورٽ کان نوٽس جو مطالبو،خبر موجب ڪاڇي جي هزارين لکين ماڻھن لاء موت جو پروانو تيار وفاقي، سنڌ. حڪومت ۽ آبپاشي کاتي ڊي سي دادو جي نااهلي ٽي ارب رپين جي ٺيڪي وارو مرمتي ڪم اڍائي کان ٽي سئو ڦُٽن جي ديوار تائين ڪيو ويو ويو پيڙھ کان تير ڀت جو ڪم به نه نڪري سگهيو، لکين ڪاڇي واسين جي موت جو سودو ڪندي گاج بند جو ڪم بليڪ لسٽ قرار ڏنل ڪنسٽرڪشن ڪمپني ڊي بلوچ کي ٺيڪو ڏنو ٻه ارب رپين جي ٺيڪي ۾ صرف معمولي ڪم ڪيو ويو. چار هزار ڦُٽن تائين ٽٽل بند جو ڪم رولڙي جو شڪار ٿي ويو ڪم ببد ٿيڻَ سبب اڌو اڌ مشينري مزدور واپس ڪيترو ئي سامان غائب ٿي ويو ڪم بند هئڻ ڪري هزارين ٻوريون سيمينٽ ناڪاره ٿي ويون ايندڙ سانوڻي ۾ پوري ڪاڇي لاء خطرا وڌي ويا جنهن ڪري هزارين ڳوٺن جي عوام جي ٻيهر ٻُڏڻ جو خطرو وڌي ويو آهي گذريل ٽن سالن کان بند ٽُٽل هئڻ ڪري سڄي علائقي جي زراعت روڊ رستا مڪمل طور تباه ٿيل آهن، علائقي جي سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن فقير عطاءُ الله کچي، ايم اعظم لنڊ، مولابخش برهماڻي، فقير علڻ کوکر، رئيس ذوالفقار علي لنڊ ۽ ٻين سپريم ڪورٽ کان مطالبو ڪيو ته گاج بند منصوبي جي رهيل ڪم جو فوري طور نوٽس وٺي ڪم کي جلد مڪمل ڪرائي لکين ماڻھن جون زندگيون بچايون وڃن












