ڪاٽن فيڪٽريون کلي ويون، ڦٽي جو چونڊو شروع

ڪاٽن فيڪٽريون کلي ويون، ڦٽي جو چونڊو شروع

نوشھرو فيروز (منظور ملڪ ) ڦٽي جو چونڊو پھريون چونڊو شروع ٿي ويو آهي ۽ ڪاٽن فيڪٽريون کلي ويون آهن. شاھ ڪاٽن فيڪٽري ۾ آبادگارن واپارين ۽ جنرس جو اجلاس ٿيو. فيڪٽري مالڪن ڦٽي جو في مڻ 3700 روپيا اگهه مقرر ڪيو. آبادگارن جي اعتراض ڪيو ته  فصلن کي ڌڪ لڳو آهي گهٽ ۾ گهٽ اگهه پنج هزار مقرر ڪريو بحث بعد ريٽ 4000 ھزارن  کان 4200  سو مقرر ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ضلعي ۾ برسات سبب 50 سيڪڙو ڦٽي سخت متاثر ٿي آھي . ضلعي جي 5 تعلقن ڀرياسٽي مورو محرابپور ڪنڊيارو ۽ نوشھري فيروز ۾ ڦٽي جو فصل مارڪيٽ پھچڻ بعد ڪاٽن جنرس ڪاٽن فيڪيٽريون کولي آبادگارن کان ڦٽيون خريد ڪرڻ شروع ڪري ورتيون آھن ڀريا سٽي ڀرياروڊ ۽ ٻين شھرن جون ڪاٽن فيڪٽرين کلڻ تي آبادگارن سرھائي ٿي آھي ڀريا سٽي شاھ ڪاٽن فيڪٽري جي اوپننگ تقريب ٿي جنھن جي صدارت ڪاٽن جنرس اڳواڻن سيٺ ڄيٺا نند ڪوھستاني ۽ پريم چند ڪوھستاني ڪئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو