اسلام آباد(بيورو رپورٽ)ڪامران ٽيسوري کي سنڌ جو نئون گورنر مقرر ڪيو ويو آهي.صدر ڊاڪٽر عارف علوي محمد ڪامران خان ٽيسوري کي سنڌ جو گورنر مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.صدر اها منظوري آئين جي آرٽيڪل 101 ون تحت ڏني.ياد رهي ته سنڌ جي گورنر جو عهدو پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران اسماعيل جي استعيفيٰ کانپوءِ خالي ٿيو هو ۽ سنڌ اسيمبلي جو اسپيڪر آغا سراج دراني سنڌ جي وقتي گورنر جا فرض سرانجام ڏئي رهيو آهي.










