اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم جي خاص معاون رانا ثناءُ الله واضع ڪيو آهي ته پرامن احتجاج ۽ لانگ مارچ حق آهي، پر هٿياربند لشڪرڪشيءَ ذريعي مظفرآباد تي قبضي جي اجازت نه ڏني ويندي.وزيراعظم جي خاص معاون رانا ثناءُ الله نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو ته لکن شهيدن جي قربانين سان هن تحريڪ جي آبياري ٿي آهي، ان کي ڪنهن ڪميٽي جي مطالبي تي ضايع نٿو ڪري سگهجي، کين هر قسم جي آڇ ڪئي وئي پر هنن رد ڪري ڇڏي. هن چيو ته ڪالعدم جوائنٽ عوامي ايڪشن ڪميٽي کي ٻاهرين قوتن جي فنڊنگ ۽ مدد حاصل آهي، ڪميٽي شروعات ۾ مهاجرن جي سيٽن جي خاتمي جو مطالبو نه ڪيو هو، ايڪشن ڪميٽي ميمبرن جي حلف نامي مان پاڪستان سان الحاق جي خاتمي جو مطالبو به ڪيو. رانا ثناءُ الله جو هي خاص انٽرويو گذريل رات پروگرام “جرگه” ۾ سليم صافي سان گڏ نشر ڪيو ويو.










