ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت گريڊ 20 جي سينيئر آفيسر ڪاشف گلزار شيخ کي سيڪريٽري اطلاعات، حڪومتِ سنڌ مقرر ڪري ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾ باقاعده نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. ڪاشف گلزار شيخ ان کان اڳ پوسٽنگ جي انتظار ۾ هو. نوٽيفڪيشن موجب نديم الرحمٰن ميمڻ کان سيڪريٽري اطلاعات جو اضافي چارج واپس ورتو ويو آهي. جڏهن ته هو سيڪريٽري ڪاليجز ايجوڪيشن طور پنهنجي عهدي تي بدستور ذميواريون نڀائيندو رهندو.










