مانجهند (رپورٽ مهراڻ عمراڻي) سن ڀرسان ڪوچ ۽ ڪار ۾ خوفناڪ ٽڪر هڪ ئي خاندان جي هڪ عورٿ 3 ٻارڙن سميت 7 ڄڻا چيڀاٽجي فوت ڪوچ سوار 12 ڄڻا زخمي فوتين جي ڦاٿل لاشن کي ٽن ڪلاڪن جي جدوجهد کان پوء ڪار کي ڪٽي لاش ڪڍي اسپتال منتقل ڪيا ويا ته ڊاڪٽر ۽ ايمبولنس موجود نه هئا. ڳوٺ وڏا ڇڇر انڊس هاءِ وي تي ڪراچي کان ڪشمور طرف ويندڙ مسافر ڪوچ جو سيوهڻ کان ڄامشورو طرف ويندڙ ڪار کي خوفناڪ ٽڪر هڻڻ کان پوء ڪلٽي ٿي پئي جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ئي خاندان جا 7 ڪار سوار ڪار ۾َ ئي چيڀاٽجي فوت ٿي ويا.

فوتين ۾ جوهي جي ڳوٺ قصبو واسي اسماعيل لغاري علي نواز لغاري محمد مٺل لغاري مسمات حميرا زال غلام حيدر لغاري 3 معصوم ٻارڙا ميان ڏنو لغاري زاهد حسين لغاري علي شبير لغاري شامل آھن جن جا لاش ڪار ۾ ڦاٿل هئڻ سبب 3 ڪلاڪن کان پوء ڪرين گهرائي ٻاهر ڪڍي مقامي ماڻھن سن اسپتال منتقل ڪيو جتي لاش ضروري ڪاغذي ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا جڏھن ت ڪوچ سوار 12 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا زخمين کي مانجهند ۽ سيوهڻ تعلقه اسپتالن ۾َ منتقل ڪيو مانجهند اسپتال ۾ ڊاڪٽر ۽ عملو نه ه ئڻ سبب زخمي ٿيل رينجرس جي جوان سن واسي حسين بخش ٻٻر کي وارث نجي گاڏي ڪرائي سول اسپتال کڻائي ويا ڇڇر پوليس جي سستي سبب ڪوچ ڊرائيور فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو










