ٿرپارڪر (ن سنڌيار) سنڌ جي سونهن جي علامت بڻيل ڪارونجهر جبل جي ڪٽائي خلاف ننگرپارڪر واسي ھڪ دفعو ٻيهر روڊن تي نڪري آيا، ڪارونجھر سجاڳ فورم پاران ٻانهن ٻيلي آفيس کان مسڪين جھان خان کوسو چوڪ تائين احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، مظاھري کي خطاب ڪندي الھرکیو کوسو، مصطفي دل، ڪامريڊ مگھنو ڪولھي، نيتراج ۾ ٻين چيو ته ڪارونجھر سنڌ جي تھزيب ۽ سياحت جو مرڪز ھئڻ سان گڏ ھتان جي مقامي ماڻهن جي جئين جو واحد ذريعو به آھي، اسان ڪارونجھر جي ڪٽائي خلاف مسلسل چار سالن کان تحريڪ ھلائيندا پيا اچون، ھڪ دفعو ٻيهر غير قانوني طور ڪارونجھر کي ڪٽڻ وارا گروھ سرگرم ٿي ويا آھن، ايف ڊبليو او وارا ڪارونجھر جو پٿر ٻاهر موڪلي رھيا آھن ان سان گڏوگڏ ننگرپارڪر ۾ ٺھندڙ مختلف ڊيمن تي ڪارونجھر جو پٿر ڪٽائي ڪري استعمال ڪيو پيو وڃي، فورم اڳواڻن چيو ته اسٽيمينٽ ۾ ڪوٽڙي ۽ ڄامشوري جا پٿر استعمال ڪرڻا آھن ان باوجود ٺيڪيدار مقامي پٿر استعمال ڪري ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪري رھيا آھن. فورم جي اڳواڻن چيو ته معدنيات کاتي، سنڌ سمال ڊيم کاتي ۽ ايس آر پي ڊيمن جي پابندي باوجود سڀني ڊيمن تي پٿر استعمال ڪيو پيو وڃي، ھنن چيو ته اسان جي ڪارونجھر جي سروي ۽ ان کي محفوظ ڪرڻ واري درخواست اڳ ئي سنڌ ھاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ حيدرآباد ۾ ھلندڙ آھي، ان سان گڏوگڏ ننگرپارڪر جي سول جج ۽جوڊيشل مئجسٽريٽ پاران سي آر پي سي 133 تحت فيصلو به آيل آھن ان باوجود ڀٿر جو ٽڪجڻ بند نٿو ٿئي، اڳواڻن جوڊيشل مئجسٽريٽ کي اپيل ڪندي چيو ته ڪارونجھر جي ڪٽائيءَ ڪندڙن خلاف ايڪشن وٺي انھن مٿان ڪانٽيپٽ آف ڪورٽ جي ڪاروائي ڪئي وڃي، فورم جي اڳواڻن ھاءِ ڪورٽ کان مطالبو ڪندي چيو ته ڪارونجھر جي ڪٽائي خلاف فوري طور نوٽيس وٺي ڪارونجھر جو ڪٽجڻ بند ڪرايو وڃي، اڳواڻن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته ڪارونجھر کي نيشنل پارڪ جو درجو ڏئي ان کي عالمي ورثي ۾ شامل ڪرايو وڃي، اڳواڻن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ڪارونجھر جي ڪٽائي بند نه ڪرائي وئي ته جلد ئي ننگرپارڪر ۾ ڌرڻو ھڻي مين روڊ بند ڪيو ويندو. ڌرڻي ۾ عوامي تحريڪ ۽ ننگرپارڪر جي شھرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي










