ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪارونجهر جو ڪيس آئيني عدالت ۾ هلائڻ خلاف عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪيو ويو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ بار، ڪراچي بار، سکر بار، ميرپورخاص بار ۽ خيرپور بار جي وڪيلن پاران ڌار ڌار احتجاج ڪري عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪيو ويو. سنڌ هاءِ ڪورٽ بار جي صدر بيريسٽر سرفراز ميتلو چوڻ هو ته ڪارونجهر سنڌ جو سرمايو آهي، جبل جي ڪٽائي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي . ڪراچي بار جي صدر عامر نواز وڙائچ چيو ته ڪارونجهر جبل جي ڪٽائي ۽ سنڌ حڪومت پاران سپريم ڪورٽ جي آئيني عدالت ۾ اپيل داخل ڪرڻ خلاف اڄ ڪراچي بار پاران وڪيل سنڌ هاءِ ڪورٽ کان وزير اعليٰ هائوس ڏانهن مارچ ڪيو ويندو. عامر نواز وڙائچ وڌيڪ چيو ته وڪيلن جي احتجاج کان پوءِ سنڌ حڪومت سنڌ سرڪار جي وڪيل ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ جواد ڏيرو چيو ته سنڌ حڪومت آئيني درخواست واپس وٺندي. هن چيو ته هو ڪنهن به صورت ۾ پوئتي نه هٽندا، اڄ هو وزير اعليٰ هائوس ڏانهن مارچ ڪندا. عامر نواز وڙائچ وڪيلن کي اپيل ڪئي ته هو احتجاج ۾ ڀرپور نموني شرڪت ڪن وڪيل اڳواڻن جو چوڻ هو ته هو 27هين ترميم کي نٿا مڃين ان لاءِ ڪارونجهر جو ڪيس وفاقي آئيني عدالت ۾ نه هلايو وڃي، سنڌ سرڪار ڪارونجهر بابت وفاقي آئيني عدالت مان ڪيس واپس وٺي، ھوڏانھن ڪراچي ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي وڪيلن جي وفد وزيراعليٰ هائوس پهچي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار سان ملاقات ڪئي. صدر بئريسٽر سرفراز علي ميتلو، سرفراز منير، عامر سليم، رزاق مهر، قادر مهر ۽ ٻين وڪيلن جي اڳواڻي ۾ وفد قانون واري وزير کي ڪارونجهر جبل جي تحفظ بابت هڪ باضابطه ياداشت نامو پيش ڪيو، جنهن ۾ موجوده ۽ امڪاني خطرن تي خدشن جو اظهار ڪيو ويو. بار ايسوسيئيشن مطابق ڪارونجهر جبل سنڌ جو اهم قدرتي، ثقافتي ۽ تاريخي ورثو آهي، جنهن جي حفاظت لاءِ فوري ۽ مضبوط قدم کنيا وڃن گهرجن. وزير ضياءُ الحسن لنجار وڪيلن کي خاطري ڪرائي ته سنڌ جي زمين سندن ابن ڏاڏن جي امانت آهي ۽ حڪومت ان جي ماحول، جبلن، قدرتي وسيلن ۽ ثقافتي سڃاڻپ جي حفاظت کي پنهنجي آئيني ۽ اخلاقي ذميواري سمجهي ٿي. قانون واري وزير ضياءُ الحسن لنجار خاطري ڪرائي ته ڪارونجهر سميت سنڌ جي سڀني تاريخي ۽ ماحولياتي ماڳن جي حفاظت لاءِ ضروري قانوني، انتظامي ۽ عملي قدم کنيا ويندا ۽ وڪيل برادري جي سفارشن تي سنجيدگي سان غور ڪيو ويندو. ضياءُ الحسن لنجار چيو ته سنڌ حڪومت هر ممڪن سطح تي عوامي مفاد، شفافيت ۽ انصاف جي گهرجن کي ترجيح ڏيندي ۽ سنڌ جي قدرتي، ماحولياتي ۽ ثقافتي اثاثن کي ڪنهن به حالت ۾ نقصان پهچائڻ جي اجازت نه ڏيندي. يادداشت تي قانون واري وزير ۽ وڪيل اڳواڻن صحيحون پڻ ڪيون.
مشهور خبرون










