ميرپور (ن سنڌيار)ميرپور ماٿيلو جي ڪاروباري شخصيت برسات متاثرن لاءِ ضلعي انتظاميه کي ضروري دوائون فراهم ڪيون، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر شڪريو ادا ڪيو. خبر موجب ميرپور ماٿيلو جي ڪاروباري شخصيت محمد علي چانڊيو ڊي سي آفيس پهچي ضلعي جي برسات متاثرن لاءِ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون شاهد علي شاه ۽ اي ڊي سي ٽو ماجد حميد کي 25 مختلف قسمن جون دوائون فراهم ڪيون جنهن تي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر شاهد علي شاه سندس شڪريو ادا ڪيو. ان سلسلي ۾ اي ڊي سي ون سموريون دوائون صحت کاتي ۽ پي پي ايڇ آئي حوالي ڪندي کين هدايت ڪئي ته دوائون متاثر علائقن تائين پهچايون وڃن ته جيئن وڌ کان وڌ ضروتمند متاثرن کي فائدو حاصل ٿي سگهي ان سلسلي ۾ روزانو جي بنيادن تي رڪارڊ سميت رپورٽ پڻ فراهم ڪئي وڃي. ان موقعي تي محمد علي چانڊيو چيو ته سرندي وارن جو فرض آهي ته هو مشڪل حالتن دوران امدادي ڪمن ۾ پنهنجو حصو شامل ڪن ته جيئن متاثرن جي تڪليف گهٽجي سگهي.










