ڪارنهن جي مبينا الزام هيٺ سئوٽ هٿان سئوٽ قتل

ڪارنهن جي مبينا الزام هيٺ سئوٽ هٿان سئوٽ قتل

گهوٽڪي (عرفان علي سومرو) ڳوٺ اڀريو لکڻ ۾ جوابدار سڌايو ميراڻي پنهنجي ٻئي سئوٽ اسحاق پٽ سومار ميراڻي کي مبينا ڪارنهن جو الزام ھڻي قتل ڪري ڇڏيو. اطلاع تي پوليس پهچي لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو جتان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو آهي. ان حوالي سان رابطو ڪرڻ تي مقتول جي والد سومار ميراڻي جو چوڻ ھو ته منهنجي پٽ کي بيگناھ قتل ڪيو ويو آهي جڏهن ته ڪارنهن واري معاملي سان هن جو ڪوبه تعلق ناهي زاتي رنجش بعد پٽ کي قتل ڪيو ويو آهي. آخري اطلاع تائين ڪا به گرفتاري ۾ ناهي اچي سگهي. پوليس موجب جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن جڏهن ته ناري کي به جلد هٿ ڪري تحفظ ڏنو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو