ڪابل ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي، 6 داعش جا ويڙهاڪ مارجي ويا

ڪابل ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي، 6 داعش جا ويڙهاڪ مارجي ويا

ڪابل (ويب ڊيسڪ افغان راڄڌاني ڪابل ۾ سڪيورٽي فورسز پاران آپريشن ڪيو ويو، جنهن ۾ داعش جا 6 ويڙهاڪ مارجي ويا.پرڏيهي خابرو اداري موجب ڪابل ۾ سيڪيورٽي فورسز گذريل رات داعش خلاف آپريشن ڪيو، مارجي ويل داعش جا ويڙهاڪ گذريل هفتي ڪابل ۾ ٻن وڏن حملن ۾ ملوث هئا.طالبان اختيارين جو چوڻ آهي ته داعش خلاف آپريشن ۾ سيڪيورٽي فورسز جو هڪ آفيسر به مارجي ويو.ميڊيا رپورٽن موجب 30 سيپٽمبر تي ڪابل جي ڪيج انسٽيٽيوٽ تي حملي ۾ 53 ڄڻا مارجي ويا هئا.ان کان علاوه 23 سيپٽمبر تي ڪابل جي وزير اڪبر خان مسجد تي حملي ۾ 7 ڄڻا مارجي ويا ۽ 40 زخمي ٿيا.

پهنجو تبصرو موڪليو